تحفه سامي

تحفه سامي: تذڪره تحفهء سامي، شاهه اسماعيل صفويء جي پٽ سام ميرزا جو لکيل آهي. تقريباً 700 شاعرن جو هي تذڪرو صفويه دور جي ابتدا ۾ لکيو ويو ۽ 1550ع ۾ مڪمل ٿيو، هن تذڪري ۾ سام مرزا سنڌ جي نامور فارسي گو شاعرن جي ذڪر سان گڏ سندس فارسي ڪلام جو نمونو ڏنو آهي. ان کانپوءِ جي تذڪره نگارن مثلاً واله داغستاني، صاحب آتشڪده آذر ۽ ٻين تحفهء سامي مان تمام گھڻو استفادو ڪيو. هي تذڪرو ايران مان ڪيترائي دفعا شايع ٿي چڪو آهي.


لفظ تحفه ساميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو